عبدالحڪيم سومرو مولانا

عبدالحڪيم سومرو، مولانا: مولانا عبدالحڪيم سومرو ولد نور محمد سومرو 1895ع ڌاري ڳوٺ چوڏهيي سڌايي، تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ديوبند جي مشهور عالمن مولانا رشيد احمد گنگواڻي، مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا محمود الحسن ’اسير مالٽا‘ کان تعليم حاصل ڪئي. مولانا عبدالحڪيم هڪ سٺو حڪيم پڻ هو، هن جميعت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. حيدرآباد قلعي گرائونڊ ۾ هندستاني عالم ۽ ديوبند مدرسي جي مهتمم قاري محمد طيب جي صدارت ۾ ٿيل جلسي ۾ مولانا عبدالحڪيم هڪ يادگار تقرير ڪئي، جيڪا مشهور ٿي. هن سنڌ ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جي اڳواڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان گڏجي خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو. مولانا عبدالحڪيم سومرو جڏهن دارالعلوم ديوبند کان فارغ التحصيل ٿي آيو ته رياست قلات ۾ کيس ’قاضي‘ جي منصب تي فائز ڪيو ويو هو، جتي ڪجهه سال قاضيءَ جو ذميواريون سرانجام ڏنائين. بعد ۾ ديني مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين، جتان سوين شاگردن کانئس فيض حاصل ڪيو ۽ وقت جا مشهور عالم بڻيا. مولانا عبدالحڪيم 72 سالن جي عمر ۾ 1962ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو